SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


عمل پسنديءَ جو نظريو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


عمل پسنديءَ جو نظريو

Functionalism

فنڪشنلزم

سڀ کان پهريائين، 1971ع ۾ بين الاقوامي سطح تي سماجي سائنسدان ڪلاڊ (Claude) هي اصطلاح سامهون آندو. جنهن تحت گڏيل قومن جي اداري منجهان هاڪاري اميد رکندي، محققن دنيا ۾ سياسي، سماجي، معاشي ۽ جنگي مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ سندس طرفان متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ ۽ تڪرارن جي جامع حل لاءِ رستا ڏسڻ جي سلسلي ۾ گهڻو ڪجهه لکيو. 1943ع ۾ مشهور دانشور ڊيوڊ ميٽراني جو لکيل ڪتاب Fabian Social Democracy هن سلسلي جو پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ ميٽراني آگاهه ڪيو ته دنيا جو امن قائم رکڻ جي سلسلي ۾، بين الاقوامي تقاضائون پوريون ڪرڻ لاءِ سڀني ڌُرين کي هميشه متحرڪ رهڻو پوندو. هن سلسلي ۾ دُنيا جي سڀني رياستن لاءِ تمام گهڻي، گهري ۽ منجهيل سياست کان پاسو ڪرڻ ۽ اجتماعي ڀلي لاءِ سوچڻ ۾ دنيا جي ڀلائي ڄاڻائي وئي آهي. جرمن فيلسوف امانيوئل ڪانٽ (1724-1804ع ) جو نظريو ۽ آمريڪي صدر ووڊرو ولسن (1856-1924ع ) جا 14 نُڪتا به بين الاقوامي سطح تي فنڪشنلزم جي عمل هيٺ اچن ٿا. هن نظريي جي حامين گڏيل قومن جي اداري پاران ”ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن“ جهڙو عام ڀلائي جو ادارو شروع ڪرڻ واري عمل کي تمام گهڻو ساراهيو. سندن چوڻ موجب صحت جي شعبي کي بين الاقوامي سطح تي ترجيح ڏيڻ جي ضرورت آهي، جيئن مختلف بيمارين جو علاج ڳولهي سگهجي ۽ دُنيا مان موتمار بيمارين جو خاتمو ڪري سگهجي، ماهرن جو خيال آهي ته فنڪشنلزم ٽِن طريقن سان رائج ٿي سگهي ٿو.
(1). انساني آزاديءَ لاءِ احترام
(2). علم ۽ عقل تحت بنيادي ضرورتن جي حل جي تلاش
(3) ڪنهن به بهتر ۽ امن پسند عمل کي تسلسل سان جاري رکڻ. هن نظريئي جي ڪجهه حامين اهڙي صورتحال کي واضح ڪرڻ ”Enmeshment“(يعني ملڪن جو پاڻ ۾ وڌ کان وڌ تعاون ۽ ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ اقتصادي سهڪار) جي اصطلاح کي اڳيان آندو. هنن ماهرن جو چوڻ آهي ته فنڪشنلزم جي سرگرميءَ دوران ڪجهه ڪمزور ملڪ هميشھ مضبوط ملڪن تي پيا ڀاڙيندا. ان کان بهتر آهي ته ڪمزور ملڪن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سهڪاري ماحول جوڙيو وڃي. فنڪشنلزم جي هر طريقي ۾ ڪجهه نه ڪجهه ڪمزوريون به آهن. هن سلسلي ۾ ٿيندڙ سهڪار جي نتيجي ۾ وڏيون قوتون، ننڍين قومن کان پنهنجا غلط مقصد به پورا ڪرائين ٿيون. انهيءَ ڪري اڄ تائين فنڪشنلزم جا حامي مستقبل لاءِ هن نظريئي تحت ڪو جامع حل نه ڳولهي سگهيا آهن


Remember Me Also:

غفلت

ث. ع. غَفَلَ = غافل ٿيڻ بي پرواهي ، بي خيالي ، بي ڌياني ، بي توجهي. ڪاهِلي ، غافلي ، سستي. ڀُلَ چُوڪ ، خطا. ويسر ، نسياني.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal